پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ موجب طئي ڪيون وڃن ٿيون: قومي اسيمبلي کي آگاهي

پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ موجب طئي ڪيون وڃن ٿيون: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ موجب طئي ڪيون وڃن ٿيون، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو وڌ کان وڌ فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو، سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون سڀ کان گهٽ آهن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، شازيه مري، مير اعجاز جکراڻي ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني سيڪريٽري راجا جاويد اخلاص چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح قيمتن جي تعين ۾ عوام جي وڌ کان وڌ فائدي کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. 2013ع کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تبديلي جو عمل شروع ٿيو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ جي قيمت 40 ڊالر تائين گهٽ ٿي. هن وقت عالمي منڊي ۾ اها قيمت 62 ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته 2013ع جي ڀيٽ ۾ هن وقت پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي آهي. حڪومت جي اها ڪوشش هوندي آهي ته قيمتن ۾ گهٽتائي جو وڌ کان وڌ فائدو عوام تائين پهچايو وڃي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ڪيترائي ڀيرا قيمتن ۾ اضافي جي سمري موڪلي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو يا ان جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وقت ڀارت ۾ پيٽرول جي قيمت 126.30 رپيا جڏهن ته پاڪستان ۾ 83 جي لڳ ڀڳ آهي. ڀارت ۾ ڊيزل جي قيمت 106.75 جڏهن ته پاڪستان ۾ 89 رپيا آهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۾ پيٽرول جي قيمت 118 آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي اضافو ٿيو آهي. ان ڏس ۾ خليج ملڪن ۾ پڻ تيل جي قيمتن ۾ اٽڪل ٻه هزار اضافو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي جي ڪري به ڪجهه فرق پيو آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ ڊالر جي قيمت مستحڪم رهي جڏهن ته ڌرڻن ۽ مارچ سان ملڪ جي صورتحال تي اثر پيا. 2013ع ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 6 ارب ڊالر جڏهن ته هاڻي 24 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهن. 2013ع ۾ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون اڄ الله جي فضل ۽ ڪرم سان عالمي ادارا پاڪستان جي معيشت کي بهتر قرار ڏئي رهيا آهن۔