صحافي طحه صديقي تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: سيد نويد قمر

صحافي طحه صديقي تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: سيد نويد قمر

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته صحافي طحه صديقي تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا، ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد نويد قمر چيو ته گذريل هفتي صحافي طحه صديقي تي تشدد ڪيو ويو ۽ کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو صحافي برادري جي لاءِ اشارو آهي ته توهان کي سچ ناهي ڳالهائڻ يا لکڻو. اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. صحافت جي آزادي تي جيترو گوڙ ٿيندو آهي هن واقعي تي ناهي ٿيو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ صحافت جي آزادي ضروري آهي.