پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقن جي ٻنهي طرفن رهندڙ رشتيدارن جي ملاقات جي لاءِ اچڻ وڃڻ تي بايوميٽرڪ سسٽم تحت سڃاڻپ ضروري ٿيندي: سرتاج عزيز

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقن جي ٻنهي طرفن رهندڙ رشتيدارن جي ملاقات جي لاءِ اچڻ وڃڻ تي بايوميٽرڪ سسٽم تحت سڃاڻپ ضروري ٿيندي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقن جي ٻنهي طرفن رهندڙ رشتيدارن جي ملاقات جي لاءِ اچڻ وڃڻ تي بايوميٽرڪ سسٽم تحت سڃاڻپ ضروري ٿيندي، گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان 9 لک 50 هزار ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اقامن کي نئون ڪرايو، ايران تان پابنديون کڄڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان جي افغانستان سان 2600 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي جيڪا غيرمحفوظ آهي، 40 کان 50 هزار ماڻهو روزانو هڪ طرف کان ٻئي طرف اچن وڃن ٿا، انهن جي گهڻي چرپر غيرقانوني آهي، افغانستان جي مخالفت جي باوجود اسان 37 ميٽر اندر گيٽ هنيو آهي، پهرين جون کان نئون سسٽم شروع ڪيو آهي، طورخم ۾ گيٽ هڻڻ سان گڏوگڏ هاڻي چمن ۽ ٻين جاين تي پڻ گيٽ هنيا پيا وڃن، سرحد جي ٻنهي طرفن کان رشتيدار هڪ ٻئي سان ملڻ اچي سگهن ٿا تنهن هوندي به انهن تي ٻين علائقن ۾ اچ وڃ تي پابندي آهي، هن ٻڌايو ته ٻنهي طرفن کان رشتيدارن جي اچ وڃ بايوميٽرڪ سسٽم ذريعي سڃاڻپ ڪرائي ڪري سگهجي ٿي. پي ٽي آءِ جي مراد سعيد جي سوال جي جواب ۾ سرتاج عزيز ٻڌايو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ 1448 پاڪستاني قيد آهن، 5500 پاڪستانين کي هن وقت سعودي عرب ۾ اجازت ناما ۽ اقاما نوان ڪرڻ بابت مسئلا درپيش آهن. اسان ٻن سالن ۾ 9 لک 50 هزار ماڻهن جا اقاما باقاعده ڪرايا. شمس النساءَ جي سوال جي جواب ۾ سرتاج عزيز ٻڌايو ته ايران تان پابنديون هٽڻ کانپوءِ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، هاڻي بئنڪنگ جا معاملا بهتر ٿي رهيا آهن، گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم جاري آهي، ٻنهي ملڪن جي سربراهن واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو آهي.