وزيراعظم ازبڪ صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ازبڪستان جي سفارتخاني ويو

وزيراعظم ازبڪ صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ازبڪستان جي سفارتخاني ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ازبڪ صدر اسلام ڪريموف جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ ڪالهه سومر ڏينهن ازبڪستان جي سفارتخاني ويو. هن تعزيتي ڪتاب تي صحيحون ۽ پنهنجا تاثر لکيا. ازبڪ صدر اسلام ڪريموف گذريل جمعي تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سوڳوار خاندان ۽ ازبڪ قوم سان تعزيت ڪئي. هن ياد ڏياريو ته ازبڪستان پنهنجي صدر اسلام ڪريموف جي قيادت ۾ سمورن شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. مرحوم صدر ازبڪ عوام جي دلين ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو جيڪي کيس محبت سان سدائين ياد رکندا. سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ مرحوم صدر جي سوڳوار خاندان ۽ ازبڪ قوم کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.