حڪومت قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان بجلي جي پيداوار جي لاءِ شفاف چٽاڀيٽي واڪ ذريعي ٺيڪا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، 400 ميگاواٽ ونڊ انرجي ۽ 600 ميگاواٽ شمسي توانائي ذريعي بجلي جي پيداوار جي ٺيڪن لاءِ چٽاڀيٽي واڪ 8 هفتن ۾ ٿيندو: وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري

حڪومت قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان بجلي جي پيداوار جي لاءِ شفاف چٽاڀيٽي واڪ ذريعي ٺيڪا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، 400 ميگاواٽ ونڊ انرجي ۽ 600 ميگاواٽ شمسي توانائي ذريعي بجلي جي پيداوار جي ٺيڪن لاءِ چٽاڀيٽي واڪ 8 هفتن ۾ ٿيندو: وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان بجلي جي پيداوار جي لاءِ شفاف چٽاڀيٽي واڪ ذريعي ٺيڪا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، 400 ميگاواٽ ونڊ انرجي ۽ 600 ميگاواٽ شمسي توانائي ذريعي بجلي جي پيداوار جي ٺيڪن لاءِ چٽاڀيٽي واڪ 8 هفتن ۾ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن توانائي واري مملڪتي وزير عابد شير علي سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ پاليسي فيصلن بابت آگاهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ اضافي بجلي موجود آهي ۽ توانائي واري وزارت پراميد آهي ته سخت گرمين ۾ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جو اهو عمل جاري رهندو، پاڪستان هن وقت هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اضافي بجلي موجود آهي، هاڻي وڌيڪ قيمت تي بجلي خريد ڪرڻ جا ٺيڪا ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، اسان کي صارفين جي سهولت لاءِ سستي بجلي پيدا ڪرڻي آهي جنهن جي لاءِ هوا، سولر، بايوگيس ۽ ننڍن پن بجلي منصوبن ذريعي بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چٽاڀيٽي واڪ ذريعي ٺيڪا ڏنا ويندا. هن چيو ته آءِ پي پيز کي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مخصوص منافعو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ قيمت تي بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چٽاڀيٽي واڪ ذريعي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي ته جيئن صارفين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪري سگهجي. وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي خواب کي عملي جامعو پارائيندي. هن چيو ته حڪومت سمورن صوبن جي بجلي جي طلب ۽ آبادي کي نظر ۾ رکندي سستي بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ايندڙ مهينن ۾ اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان پاڪستان جو توانائي جو شعبو دنيا جي جديد ترين شعبن ۾ شامل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، سواءِ انهن فيڊرز جي جتي لائين لاسز تمام گهڻو آهي، 10 سيڪڙو کان گهٽ لائين لاسز وارن علائقن ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته توانائي واري وزارت کي لائين لاسز جي مد ۾ 135 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه جا 126 فيڊرز 85 سيڪڙو نقصان تي هلي رهيا آهن، صوبائي حڪومت چڪدره، مردان، مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ گهٽ وولٽيج جي مسئلي جي حل لاءِ زمين جي خريداري ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هن چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بجلي ڊويزن ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جوڙي رهي آهي جنهن کانپوءِ هر صارف پنهنجي ميٽر ۽ بجلي جي استعمال بابت آگاهي حاصل ڪري سگهندو جنهن سان اوور بلنگ جو مسئلو حل ٿيندو. هن چيو ته گردشي قرضن جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو ڇو ته لاڳاپيل ڪمپنين کي ادائيگين جو سلسلو جاري آهي۔