پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي ترڪش نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) ابراهيم اوزديم ڪوثر ۽ نيول ٽريننگ اينڊ ايجوڪيشن جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) قادر يلدز سان ملاقات

پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي ترڪش نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) ابراهيم اوزديم ڪوثر ۽ نيول ٽريننگ اينڊ ايجوڪيشن جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) قادر يلدز سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ترڪيءَ ۾ ترڪش نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) ابراهيم اوزديم ڪوثر ۽ نيول ٽريننگ اينڊ ايجوڪيشن جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (يو ايڇ) قادر يلدز سان جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ترڪش نيول اڪيڊمي اچڻ تي ترڪش نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊر ايڊمرل ظفر محمود عباسي جو استقبال ڪيو. بعد ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ترڪش نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊر ۽ نيول ٽريننگ اينڊ ايجوڪيشن جي ڪمانڊر سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻن معاملن بشمول نوجوان آفيسرز جي صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ پيشيواراڻي تعليمي تربيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه کي ترڪش نيول اڪيڊمي جي تربيتي نظام تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ايڊمرل ظفر محمود عباسي ترڪش نيول اڪيڊمي جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ مڊشپ مين ۽ ڪيڊٽس سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه به ڪئي.