ميڊيا هائوسز ۽ ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ميڊيا هائوسز ۽ ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت صحافي برادري جي تحفظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016ع جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگهن. ان موقعي تي تعليم وارو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته بل ۾ انڊونمينٽ فنڊ بابت شقون، جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جنهن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ تحفظ آهي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز جو تحفظ ۽ ڪارڪنن جي سلامتي ۽ ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پاران اختيار ڪيل سيڪيورٽي قدمن کي ساراهيندي هن صوبائي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي صوبن ۾ ان جي پيروي ڪن. هن اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس کي چيو ته هو پنهنجي لاڳاپيل حدن ۾ الرٽ بئنڪ بٽڻ سسٽم هڻڻ جي لاءِ فني مدد جي فراهمي جي سلسلي ۾ صوبن جي گهرو کاتن سان ويجهو رابطو رکن. اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي خطرن جو تفصيلي تجزيو ڪن ۽ اهڙن ميڊيا هائوسز جي نشاندهي ڪن جيڪي سيفٽي قدمن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهن. هن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي عمل جي نگراني جي لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي سربراهي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي وارو پارلياماني سيڪريٽري محسن شاهنواز رانجها ڪندو. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت جي نگراني هيٺ اداري پاڪستان پيپس ڪوليڪٽو پراجيڪٽ ٽيم پاران هڪ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن ميڊيا ڪارڪنن کي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ حفاظتي قدمن ۽ رپورٽنگ بابت آگاهه ڪيو وڃي. ڪميٽي گذريل اجلاس جي فيصلن تي صوبائي حڪومتن جي تعميل رپورٽن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد حملي ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي ڏس ۾ ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي سيڪيورٽي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري، پي آءِ ڊي جي پرنسپل انفارميشن آفيسر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آءِ پي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل، چئني صوبن سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان جي گهرو ۽ اطلاعات وارن سيڪريٽرين، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.