پرويز رشيد پاران مردان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

پرويز رشيد پاران مردان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد مردان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي ان ۾ معصوم انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي ان ڪارروائي ۾ ملڪ دشمن عنصر ملوث آهن، پاڪستان جي عوام ملڪ دشمنن جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ان وقت تائين سک سان نه ويهندي جيستائين ملڪ مان آخري دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿئي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني عوام جي ڏنل قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن مردان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.