وزيراعظم پاران مردان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

وزيراعظم پاران مردان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف مردان ۾ دهشتگرد حملن جي پزور مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي خلاف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ڪالهه جمعي ڏينهن مردان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهروارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ ڏکويل خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته باقي رهيل عنصر مايوسي ۾ آسان هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ لڪڻ جي لاءِ ڪا جاءِ نه ملندي.