صدر پاران مردان جي ضلعي عدالت ۾ بم ڌماڪي جي مذمت

صدر پاران مردان جي ضلعي عدالت ۾ بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين مردان جي ضلعي عدالت ۾ بم ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪندي ان افسوسناڪ سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڏکويل خاندانن سان تعزيت ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. صدر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن ان عزم کي ورجايو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ڪاررواين جي ذريعي دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي عوام جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن ان ڳالهه کي پڻ ورجايو ته پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.