پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 07دسمبر2017ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بجلي جي اووربلنگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لائن لاسز تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدم ضروري آهن ڇو ته بل ڏيندڙ صارفين هيستائين ان مد ۾ 200 ارب روپيا ڏئي چڪا آهن. ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن راجا محمد جاويد اخلاص، شيخ رشيد احمد، ميان عبدالمنان، صاحبزاده محمد نذير سلطان، شيخ روحيل اصغر، شفقت محمود، ڊاڪٽر عارف علوي، رانا افضل حسين، چوڌري نذير احمد، سعيد احمد خان، سردار محمد جعفر لغاري، سردار عاشق حسين گوپانگ، عذرا فضل پيچوهو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سيد ڪاظم علي شاهه، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سيد نويد قمر، عبدالرشيد گوڊيل، محمود خان اچڪزئي، شاهده اختر علي، تنوير خان، اعظم خان سواتي ۽ سينيٽر هدايت الله کانسواءِ نيپرا چيئرمين، وزارت جي اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي مالي سال 17 -2016ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. سيد خورشيد شاهه چيو ته بجلي جي سمورن ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ صارفين کان وڌيڪ بل وصول ڪري رهيون آهن، هن نيپرا چيئرمين ۽ وزارت جي سيڪريٽري کي چيو ته فني نقصانن ۽ بجلي چوري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ڇو ته صارفين تي اضافي بار وڌو ويندو آهي جيڪا ناانصافي آهي. پاور ڊويزن واري سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر چيو ته اوور بلنگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وڌيڪ بل موڪليندڙ ذميدار آفيسرن کي ٽي سال قيد جي سزا ڏني ويندي. آڊٽ عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ته سال 17 -2016ع ۾ پاور پلانٽس جي صلاحيت کان گهٽ استعمال سبب 28.183 ارب روپين جا نقصان ٿيا، سمورا آءِ پي پيز ۽ جنڪوز، ”بجلي ڏيو ۽ قيمت ادا ڪريو“ جي پاليسي تحت سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي کي بجلي فراهم ڪندي آهي، ان اصول تحت سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي پلانٽس کان فراهم ڪيل سموري بجلي جي ادائيگي جي پابند آهي، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته سسٽم ۾ بجلي گهرج جي باوجود آءِ پي پيز ۽ جنڪوز جي پاور پلانٽس بجلي صلاحيت موجب فراهم نٿي ڪري، صلاحيت کان گهٽ بجلي جي پيداوار سان هڪ طرف ته صارفين کي 8 کان 12 ڪلاڪ تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته ٻئي طرف پيداوري صلاحيت کان گهٽ بجلي جي نقصانن کي بجلي جي قيمت ۾ اضافي سان پورو ڪيو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته آءِ پي پيز ۽ جنڪوز جي پاور پلانٽس سان پوري صلاحيت موجب بجلي حاصل نه پئي ڪئي وڃي، ”ٽيڪ آر پي ايگريمينٽ“ سبب بجلي جي قيمت ۾ اضافي جو بار عام ماڻهن تي پوندو آهي، پاور ڊويزن واري سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر ڪميٽي کي ٻڌايو ته وزارت لائن لاسز جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ فعال حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، اهڙي طرح واڌو بلن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم انتظامي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ وڌيڪ بجلي بل موڪليندڙ آفيسرن کي ٽي سال جيل جي سزا شامل آهي، سيد خورشيد شاهه ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پاران اجلاس ۾ نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس 20 ڊسمبر تي ٿيندڙ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي آڊٽ اعتراضن کي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪيو ويو۔