قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 07دسمبر2017ء) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، خميس ڏينهن اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 50 هين اجلاس کي جاري رکڻ بابت ڪميٽي جي ميمبرن کان راءِ ورتي وئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس کي 19 ڊسمبر تائين جاري رکيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس ۾ سوالن جي وقفي سميت ٻي قانونسازي بابت اهم معاملن کي بحث هيٺ آندو ويندو، اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير چوڌري برجيس طاهر، پارلياماني معاملن واري وزير شيخ آفتاب احمد، چوڌري محمد اشرف، سيد نويد قمر، مير اعجاز حسين جکراڻي، ڊاڪٽر شيرين مهرالنساءُ مزاري، غلام سرور خان، اقبال محمد علي، شيخ صلاح الدين ۽ صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي.