آمريڪا جي ڀارت کي خطي ۾ هڪ وڏي طاقت جي طور سامهون آڻڻ جي ڪوشش سان خطي جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو: صدر ممنون حسين

آمريڪا جي ڀارت کي خطي ۾ هڪ وڏي طاقت جي طور سامهون آڻڻ جي ڪوشش سان خطي جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو: صدر ممنون حسين

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ15نومبر2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آمريڪا جي ڀارت کي خطي ۾ هڪ وڏي طاقت جي طور سامهون آڻڻ جي ڪوشش سان خطي جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو، ڪشمير مسئلو خطي جي امن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن خواب آهي، علائقائي امن جي لاءِ ضروري آهي ته سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي اهتمام هيٺ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرپرسن ڊاڪٽر معصومه حسن پڻ خطاب ڪيو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته ڏکڻ ايشيا هن وقت ڪيترن ئي تڪرارن ۽ بحرانن جو شڪار آهي ۽ ڪيتر ئي حل طلب سياسي ۽ جاگرافيائي مسئلن جي ڪري خطي جو امن داءُ تي لڳي چڪو آهي ۽ انهن مسئلن کي عالمي حالتن، خاص طور تي سرد جنگ، افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ دهشتگردي جي معاملن وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري انهن عملن خطي جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن سميت سلامتي جي معاملن تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ائٽمي طاقت بڻجڻ کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جو دفاعي منظرنامو مڪمل طور تي تبديل ٿي ويو آهي ۽ انهي دور ۾ خطي جي صورتحال ۾ ٽن سطحي يعني داخلي، علائقائي ۽ عالمي عملن سبب متاثر ٿي رهي آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير، سر ڪريڪ ۽ سياچن جهڙا مسئلا ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن. نائين اليون جي حادثي کانپوءِ افغانستان جي صورتحال علائقائي سلامتي جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال خطي جي امن کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. صدر چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دهشتگردي قرار ڏيڻ ۽ ان کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين کان موجود اشتعال ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ڀارت پاران فوجي قوت ۾ اضافي جو رجحان علائقائي استحڪام جي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پاڙيسرين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي قيمت تي هٿيارن جي ناپسنديده ڊوڙ شروع ٿي سگهي ٿي. ان طرزعمل جي نتيجي ۾ خطي تي منفي اثر پوندا. صدر چيو ته ڏکڻ ايشيا جو پورو خطو امن ۽ خوشحالي جو ڳولائو آهي پر ڇڪتاڻ ۽ جنگ جهڙين حالتن جي ڪري امن ۽ ترقي هڪ خواب بڻجي چڪو آهي جيتوڻيڪ علائقائي تعاون ۽ پراڻن مسئلن جي حل ذريعي ان صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جي قومن جو مقدر هڪ ٻئي سان واڳيل آهي ۽ اهي سموريون قومون گڏيل تعاون سان ئي غربت، بيروزگاري، موسمياتي تبديلين، عسڪريت پسندي ۽ ٻين عوامي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون پر امن ۽ خوشحالي جي ڳولا جو اهو سفر جنگ جي صورت ۾ رائيگان وڃي سگهي ٿو جيڪو بدترين غربت، سماجي پسماندگي، شدت پسندي ۽ بنياد پسندي جي فروغ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. انهن حالتن ۾ وڌندڙ عالمي خطرن ۽ سماجي حالتن جي بهتري جي ڏس ۾ غربت جي خاتمي لاءِ سنجيدگي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏڻي پوندي. صدر چيو ته خطي ۾ چين جي وڌندڙ دلچسپي ۽ سيڙپڪاري ڏکڻ ايشيا جي لاءِ انتهائي فائديمند آهي. هن چيو ته اسان کي هڪ خطو هڪ رستو جهڙن علائقائي رابطن جي اهم ترين منصوبي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ايشيا انفراسٽرڪچر بئنڪ جهڙين سهولتن مان فائدو کڻي هن عظيم مقصد جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ امن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن خطي ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جا دروازا کولي سگهجن. صدر چيو ته اقتصادي تعاون ۽ علائقائي مواصلاتي ڳانڍاپن جي فروغ سان گڏوگڏ افغانستان جي استحڪام تي پڻ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هڪ مستحڪم افغانستان ئي وچ، ڏکڻ ۽ اولهندي ايشيا کي گڏائڻ جي لاءِ هڪ عظيم لنگهه جي حيثيت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته سارڪ جي پليٽ فارم کي موثر بڻائي اهي ٻئي مقصد ڪاميابي سان حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ اختلافن کي هوا ڏيڻ کان پرهيز ڪيو وڃي ۽ واپاري مقصدن جي لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي آندي وڃي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ خطي ۾ تيز رفتار ترقي يقيني بڻجي ويندي جيڪا اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن جي فعاليت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ذريعي روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي جو ذريعو بڻجندي جڏهن ته توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون انهن رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ مددگار ثابت ٿيندو. صدر چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسان جي طرز تي هڪ موثر اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن خطي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙي طرح اهو ضروري آهي ته گڏيل اختلافن ۽ تڪرارن جي معاملن ۾ طاقت ۽ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪرڻ بدران انهن کي ڳالهين ۽ سياسي عمل ذريعي حل ڪيو وڃي. انهن مقصدن جي لاءِ سارڪ کانسواءِ هاڻي شنگهائي تعاون تنظيم جو پليٽ فارم پڻ دستياب آهي جيڪو علائقائي هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو.