وزيراعظم تعليمي سڌارا پروگرام تحت تعليمي ادارن ۾ ڪلاس رومز، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليبارٽريز، ٽوائلٽس جي اپ گريڊيشن، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جي منصوبن تي ڪم جاري آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

وزيراعظم تعليمي سڌارا پروگرام تحت تعليمي ادارن ۾ ڪلاس رومز، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليبارٽريز، ٽوائلٽس جي اپ گريڊيشن، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جي منصوبن تي ڪم جاري آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم تعليمي سڌارا پروگرام تحت تعليمي ادارن ۾ ڪلاس رومز، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليبارٽريز، ٽوائلٽس جي اپ گريڊيشن، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، پائلٽ وومين ۽ گرلز ٽوائلٽ ٺاهيا پيا وڃن، استاد ۽ والدين صحتمند پاڪستان، هٿ ڌوئڻ ۽ پاڻي جي فائدن جي حوالي سان آگاهي پروگرام جو حصو بڻجن، ڪا به حڪومت يا ادارو معاشرتي مسئلن کي اڪيلو حل نه ٿو ڪري سگهي، ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صحت جي سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو، ٻار صحتمند هوندا ته پوءِ گهراڻو صحتمند هوندو. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن اسلام آباد ماڊل گرلز ڪاليج ۾ هٿ ڌوئڻ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان صحتمند پاڪستان پروگرام تحت اسان جا هٿ، اسان جو مستقبل جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، پيشيواراڻي تعليم واري وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام جي صلاحڪار علي رضا تقريب ۾ شريڪ شاگردن ۽ شرڪت ڪندڙن سان گڏجي هٿ ڌوئڻ ۽ اهو پيغام اڳتي پهچائڻ جو حلف کنيو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جي تقريب ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت، تعليم واري وزارت، صحت واري وزارت، ڪيڊ واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ حصيدارن گڏجي صحتمند پاڪستان ۽ حفظان صحت جي لاءِ هٿ ڌوئڻ جي مهم کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ آئون اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير جي حيثيت سان گڏوگڏ پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) سيڪريٽريٽ جي نمائندگي پڻ ڪري رهي آهيان، حڪومت پيئڻ جي صاف پاڻي، صحتمند پاڪستان، پاڻي نيڪالي ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ترقي جي ايجنڊا تحت عالمي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته جڏهن ٻار بيمار ٿئي ٿو ته اهو اسڪول نه ٿو وڃي سگهي، وڏي عمر جو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته اهو آفيس ۽ معمول جي سرگرمين جو حصو نه ٿو بجي سگهي جنهن جو سڌوسنئون اثر ملڪ جي مجموعي ڪارڪردگي تي پوي ٿو، جيڪڏهن ٻار صحتمند هوندو ته گهراڻو صحتمند هوندو، والدين جي آگاهي جي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي پليٽ فارم تان مختلف پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن جن ۾ ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ، هٿ ڌوئڻ ڇو ضروري آهي، پاڻي جي فائدي جهڙا معاملا شامل آهن. هن چيو ته حڪومت هر شعبي ۾ پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري رهي آهي، پائيدار ترقي جي هدفن ۾ به پاڪستان چيمپئن جو اعزاز رکي ٿو ڇو ته پاڪستان جي پارليامينٽ دنيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن ۾ پائيدار ترقي جي هدفن جو سيڪريٽريٽ قائم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ قومي سطح جي منصوبن تي اوورسائيٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ۾ باقاعده ايس ڊي جيز يونٽ قائم آهي. هن چيو ته صوبائي سطح تي پڻ ترقياتي هدفن جي سلسلي ۾ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اسان جو عالمي عزم آهي، حڪومت پنهنجي سياسي ۽ معاشي عزم سان هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنجيده آهي، ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري حصيداري سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت اهو هدف ويزن 2025ع ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا جنهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ مان فائدا حاصل ڪري سگهي ٿي، پاڪستان به اهڙي طرح پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير هر شعبي ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي جيڪو ٻين صوبن جي لاءِ پيروي جي قابل آهي. هن چيو ته هٿ ڌوئڻ جي فائدن ۽ پاڻي جي استعمال بابت پڻ سيکاريو پيو وڃي، استاد ۽ والدين ٻارن ۾ آگاهي پروگرام بابت اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڻي جي نيڪاسي بابت مسئلن بابت عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته صحت بابت والدين جي آگاهي جي لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪيا پيا وڃن صوبن جو ڌيان صحت، تعليم، پاڻي جي نيڪاسي ۽ ٻين مسئلن جي حل تي آهي. هن چيو ته سماجي مسئلن بابت آگاهي جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ميڊيا پنهنجي پروگرامن ذريعي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. هن چيو ته اسڪول جا شاگرد جيڪڏهن اهو سکي وٺن ته هٿ ڌوئڻ ڇو ضروري آهي ته اهي ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهن ٿا، گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ شهرين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، صحت ۽ صفائي بابت اسڪولن ۾ تسلسل سان عملي قدم جاري رهڻ گهرجن.