پوليو جي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ حڪومت هي جنگ کٽڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پوليو جي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ حڪومت هي جنگ کٽڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ24اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پوليو جي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ حڪومت هي جنگ کٽڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوليو وائرس کي اسان پنهنجي عوام ۽ پنهنجي گهرن ۾ نه اچڻ ڏينداسين ۽ مستقبل ۾ اسان جي ٻارن جي زندگين ۾ پوليو جو خوف نه هوندو، صحت جي محافظن طرفان انتهائي محنت سان سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي پوليو ويڪسين ٻارن کي پيارڻ تي انهن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي منزل تائين پهچڻ جي لاءِ صرف آخري سنگ ميل عبور ڪرڻ باقي آهي ۽ ان مرحلي ۾ ملڪ جي چونڊيل حصن مان ان مرض جو خاتمو ڪيو پيو وڃي، انساني مرضن جو خاتمو ڪجهه وڏن تصورن مان هڪ آهي، جهڙي طرح هاڻي ماڻهن جي زندگين مان ٻين موذي مرضن جو خوف ختم ٿي چڪو آهي بلڪل اهڙي طرح اسان دنيا مان پوليو جي خاتمي جي منزل کان ٿورو ئي پري آهيون، سڄي دنيا ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهن کي پوليو جي وائرس کان بچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي جنهن ۾ پنج لک پاڪستاني شهري به شامل آهن، هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي جتي پوليو جو وائرس اڃان تائين موجود آهي، اسان ٽن ڏهاڪن جي سيڙپڪاري ۽ ڪوششن کانپوءِ اسان پاڪستان مان پوليو وائرس جي خاتمي جي ويجهو آهي، هن چيو ته پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي ان عزم جو اظهار ڪرڻو آهي ته اسان پنهنجي آبادي يا پنهنجي گهرن مان پوليو وائرس کي ڪا جڳهه نه ڏينداسين هن چيو ته ان موقعي مان فائدو کڻندي صحت جي محافظن جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪوششن تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهتا انهن جي شوق ۽ اهم ڪردار سبب اسان پوليو جي خاتمي جي ويجها آهيون هن چيو ته سياسي پارٽيون، مذهبي اسڪالرن، هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن ان قومي مشن جي لاءِ مثالي امداد مهيا ڪئي، هن چيو ته جڏهن اسان جي عوام قومي مشن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ته ڪو اهڙو هدف ناهي جيڪو اسان حاصل نه ڪري سگهون.