سينيٽ جي قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20اکتوبر2017ء) سينيٽ جي قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر دائود محمد يعقوب خان ناصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي اجلاس ۾ ٻن استحقاق جي معاملن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، سول ايوي ايشن جي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن ڪميٽي کي سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ ايرو ميڊيڪل بورڊ جي ميڪنزم جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هر پائليٽ جو لوڪل سطح تي 6 مهينن بعد ميڊيڪل ڪرايو ويندو آهي ۽ ايئر ميڊيڪل بورڊ کان هر ٻن سالن کانپوءِ ميڊيڪل ڪرايو ويندو آهي، ميڊيڪل بورڊ چار ميمبرن تي مشتمل هوندو آهي ميمبر ان ٻن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن، ايئر لائنز جا ڊاڪٽر به ان بورڊ کان مدد حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪڏهن ڪا تڪراري رپورٽ هجي ته اسپيشل ميڊيڪل بورڊ معاملي جو جائزو وٺندو آهي جنهن تي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته هي انتهائي اهم اشو آهي لاڳاپيل عملدارن جي ڏنل بريفنگ تي اطمينان آهي جنهن تي ڪميٽي معاملو ختم ڪري ڇڏيو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ناڻي واري وزارت ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان طرفان سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني جي رولنگ تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي حوالي سان گذريل اجلاسن ۾ تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، ڪميٽي ميمبرن جي منظوري سان ڪميٽي رپورٽ اختيار ڪري ورتي جنهن کي سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪميٽي هي معاملو به ختم ڪري ڇڏيو، ڪميٽي اجلاس ۾ فرحت الله بابر، سليم ضياءُ، عطاءُ الرحمان، نگهت مرزا کانسواءِ سول ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.