قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20اکتوبر2017ء) قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد جي ايمبيسي روڊ تي قديمي وڻ وڍڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سفارش ڪئي آهي ته ان معاملي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي، ڪميٽي گرين پاڪستان پراجيڪٽ تي ٽئين ڌر جي تشخيصي ۽ نگراني جي پالسي جو ميڪنزم تيار ڪرڻ جي سفارش به ڪئي آهي. ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي کي پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل طرفان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پي اي آر سي ٻجن جي وڌندڙ کپت بابت پاليسي کي موجوده دور مطابق اپ ڊيٽ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته پاليسي ۾ سمورن رخن جو جائزو ورتو وڃي، ڪميٽي کي راول ڊيم ۾ زهريلو مادو ملائڻ بابت رپورٽ کان به آگاهه ڪيو ويو، ڪميٽي راول ڊيم بابت رپورت تي عدم اطمينان جو اطهار ڪندي سفارش ڪئي آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رپورٽ تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن، اجلاس ۾ ملڪ اعتبار خان، محمد معين وٽو، طاهره اورنگزيب، سيما محي الدين جميلي، ڪرن عمران ڊار، شهناز سليم، مسرت احمد زيب، نعيمه ڪشور خان، خالده منصور، مائزه حميد ۽ عبدالقدير خان موجود هئا.