سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20اکتوبر2017ء) سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر غوث محمد خان نيازي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي عملدارن مرض جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٽي بي جي مريضن جي مڪمل علاج لاءِ هڪ لائحه عمل تيار ڪري رهي آهي، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي مينيجر اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان انهن 30 ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي جتي ٽي بي جا خطرا سڀ کان وڌيڪ آهن، هن ٻڌايو ته ان مرض تي ضابطو آڻڻ ۽ پروگرام هلائڻ ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن تنهن هوندي به ان جي باوجود حڪومت ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج جي سهولت يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي هن چيو ته سال 2016ع جي دوران پروگرام تحت ٽي بي جي 3 لک 66 هزار مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 5 لک 10 هزار آهي، هن ٻڌايو ته ٽي بي جي علاج جي ڪورس جو وقت 24 مهينا آهي، هن چيو ته ٽي بي ڪنٽرول پروگرام 2000ع ۾ شروع ڪيو ويو جڏهن ته ان مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ گلوبل فنڊنگ 2003ع ۾ شروع ٿي، هن چيو ته هيستائين گلوبل فنڊ تحت 1.3 ملين روپيا وصول ٿيا جڏهن ته 2018ع کان 2020ع تائين گلوبل فنڊنگ تحت 15 ملين روپيا مليا آهن.