مريم اورنگزيب پاران اداڪاره نصرت آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران اداڪاره نصرت آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ14اکتوبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اداڪاره نصرت آرا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نصرت آرا جو ”عينڪ والا جن“ ڊرامي ۾ ڪردار ٻارن ۽ وڏن ۾ هڪجهڙو مقبول ٿيو ۽ پنهنجي منفرد انداز سان کيس عوام کان وڏي موٽ ملي. مملڪتي وزير چيو ته نصرت آرا پنهنجي فن جي صورت ۾ ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب مرحومه اداڪاره نصرت آرا جي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ۽ مرحومه جي مغفرت جي دعا ڪئي۔