ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ14اکتوبر2017ء) قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي سومر تي ٿيندو. اجلاس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليماني سروسز (پيپس) جي اڳوڻي آفيس (پي آر سي) هال پارليامينٽ لاجز ۾ چيئرمين ملڪ ابرار جي صدارت ۾ 11 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ واپڊا جي سهڪار سان تعمير ٿيندڙ سدپاره ڊيم کي درپيش مسئلن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ گلگت اسڪردو روڊ جي تعمير ۾ عملي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو.