پاڪستان گڏيل قومن جي امن برقرار رکندڙ دستن ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏو حصيدار آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن برقرار رکندڙ دستن ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏو حصيدار آهي. اسان امن برقرار رکڻ لاءِ سڀ کان اڳيان رهيا آهيون ۽ پنهنجي سلامتي چئيلنجن جي باجود پنهنجي پيشيوراڻي ۽ تربيت يافته اهلڪارن کي گڏيل قومن ۾ موڪلينداسين.