غربت، بيمارين، ماحولياتي تبديلين، ايٽمي پکيڙ، دهشتگردي ۽ زبردستي بيدخلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

غربت، بيمارين، ماحولياتي تبديلين، ايٽمي پکيڙ، دهشتگردي ۽ زبردستي بيدخلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته غربت، بيمارين، ماحولياتي تبديلين، ايٽمي پکيڙ، دهشتگردي ۽ زبردستي بيدخلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قون جي سيڪريٽري جنرل طرفان امن، سلامتي، ترقي ۽ انتظام ۾ گڏيل قومن جي اهليت کي سگهه ڏيڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو، هن چيو ته اسان انهن سڌارن لاءِ به پرعزم آهيون جنهن جي ذريعي سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائندگي رکندڙ، جمهوري ۽ جوابده بڻائي سگهجي نه وري هي رڳو طاقتورن جي ڪلب بڻجي نه رهجي وڃي.