امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورا ڪردا ادا ڪن: صدر ممنون حسين

امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورا ڪردا ادا ڪن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ سمورن فرقن جي وچ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورا ۽ دانشور پنهنجو ڪردا ادا ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي سربراهي ۾ دائودي بوهره برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. صدر چيو ته سڀني مڪتبه فڪر جي وچ ۾ رواداري ۽ گڏيل احترام جو رشتو هجڻ گهرجي ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. هن چيو ته اسان سڀني جي ذميواري بڻجي ٿي ته ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪريون. صدر ملڪ ۾ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ ۾ بوهره برادري کي ساراهيو ۽ تعليم، صحت ۽ ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جي سلسلي ۾ دائودي بوهره جماعت جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين جي ڪري عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو آهي جيڪا اهم اڳڀرائي آهي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ تاريخي منصوبو آهي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو پاڪستان ۾ پر پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته توانائي جي جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ کي 2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ملي ويندو. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين پاڪستان جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي عوام کي سچي دل سان چاهي ٿو. هن صدر ممنون حسين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هو انتهائي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي قيادت ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين صدر کي ٻڌايو ته هن پنهنجي برادري کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کانسواءِ بوهره برادري جي وفد پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين صدر کي تحفا پڻ ڏنا.