قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ ابرار احمد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر سميت ڪميٽي جي ميمبرن ميجر (ر) طاهر اقبال، خليل جارج، چوڌري عابد رضا، سردار ممتاز خان، بابر نواز خان، آسيه ناز تنولي، شمس النساءَ، جنيد اڪبر، مولوي آغا محمد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي کي آزاد ڪشمير حڪومت جي سينيئر آفيسرن پاران آزاد ڪشمير ۾ معياري تعليم ۽ هيستائين کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي آزاد ڪشمير ۾ معياري تعليمي ادارا قائم ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي تفصيلن کي پڻ آگاهه ڪيو ويو ۽ درخواست ڪئي وئي ته اهي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.