ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئون اليڪشن ڪميشن جوڙيو وڃي: ڊاڪٽر شيرين مزاري

ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئون اليڪشن ڪميشن جوڙيو وڃي: ڊاڪٽر شيرين مزاري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18اگست2017ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته اسان جون چار تجويزون منطور نه ٿيون ته بل جو ڪو به فائدو ناهي، آئيني ترميمون ۽ بل گڏ پيش ٿيڻ گهربو هو، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن واري بل 2017ع جي رٿ تي ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اسان جي پارٽي گهڻي محنت سان چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، آئيني ترميمون ۽ بل گڏ پيش ٿيڻ گهرجي، حڪومت چاهي ها ته ٻئي شيون گڏ ڪري سگهي پئي، زاهد حامد ڪميٽي ۾ گهڻي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کان اسان کي جيڪو گهربل تعاون ملڻ گهربو هو اهو ناهي مليو، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، ڪميٽي اتفاق راءِ سان ان جو فيصلو ڪيو هو پر خبر ناهي ڪهڙا سبب آهن جو هاڻي وري پائلٽ پراجيڪٽ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، موجوده اليڪشن ڪميشن بدران ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئون اليڪشن ڪميشن جوڙيو وڃي، نگران حڪومت جي لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون بل ۾ آيون آهن، نگران حڪومت 50 سيڪڙو مخالف ڌر ۽ 50 سيڪڙو حڪومت جي تجويزن سان ٺهڻ گهرجي، اليڪشن جي ڏينهن بايو ميٽرڪ ويري فڪيشن جو نظام هجڻ گهرجي، هي تجويز خبر ناهي بل جو حصو ڇو نه بڻجي سگهي، اسان جون چار تجويزون منظور ٿيڻ تائين بل جو ڪو به فائدو ناهي.