قومي ادارن کي بار بار تنقيد جو نشانو بڻائڻ درست نه آهي: شفقت محمود

قومي ادارن کي بار بار تنقيد جو نشانو بڻائڻ درست نه آهي: شفقت محمود

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18اگست2017ء) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شفقت محمود چيو آهي ته ادارا درست رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، 18 هين ترميم جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني کي صادق ۽ امين جي حوالي سان ترجيح طئي ڪرڻ گهربيون هيون، ادارن کي بار بار تنقيد نشانو بڻائڻ درست نه آهي، جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي ادارا درست رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، قومي ادارن کي بار بار تنقيد جو نشانو بڻائڻ درست ناهي جيڪي ماڻهو ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن انهن تي تنقيد سمجهه کان مٿانهين آهي، هن چيو ته 18 هين ترميم جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين آئيني ڪميٽي جو سربراهه هو، آئين جي شق 62، 63 جي حوالي سان هو ترجيح طئي ڪري وٺي ها ، هاڻي موجوده حالتن ۾ نيشنل ڊائيلاگ جي ڳالهه ڪرڻ درست نه آهي، اسان کي ڊائيلاگ سان غرض ناهي، پيپلزپارٽي جي سياست ۾ حرف آخر ناهي پر اسان سمجهون ٿا ته سياست ۾ حرف آخر هوندو آهي.