آزادي ٽرين جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

آزادي ٽرين جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اگست2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آزادي ٽرين جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، هن جهڙي طرح ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان ريلوي کي مشڪلاتن مان ڪڍيو اهو ساراهه جوڳو آهي، هر شهري کي پاڪستان جو آئين پڙهڻ گهرجي، آئين ئي ان جي حقن جي ترجماني ڪري ٿو، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي گهر وڃي رهيو آهي ته ماڻهو والهاڻي جذبي ۽ محبت سان ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، رات جو ڌرڻيون ۽ جلسيون ڪندڙن کي ڪهڙي خبر ڏينهن جو عوام جو سمنڊ ڇا هوندو آهي، اڳوڻي وزيراعطم جي شاندار استقبال تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا بيان ڏسي سندن ذهني حالت تي ترس اچي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم کي ماڻهو ان لاءِ خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن ڇو ته هن ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪيو، سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو، سندس ويزن تحت ڪيل ڪوششن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي، توانائي بحران تي ضابطو آندو ويو، ملڪ ۾ موٽرويز ۽ رستن جو ڄار وڇايو، آزادي ٽرين قومي ورثي، ثقافت، ملڪي تهذيب ۽ گذريل چئن سالن جي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿي، 2013ع ۾ پاڪستان ريلوي جي آمدني 18 ارب رپيا هئي جيڪا اڄ 40 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ٽرينن جي وقت سر اچ وڃ ۽ باقاعدگي جي شرح 2013ع ۾ 15 کان 20 سيڪڙو هئي جيڪا اڄ وڌي 80 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، قائداعظم جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو اهو اهڙو ئي پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان هو، جمهور جو تعلق عوام سان آهي ۽ عوام جي نمائنده پارليامينٽ آهي جيستائين پارليامينٽ کي سگهه نه ملندي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر جي ڏينهن مارگلا اسٽيشن اسلام آباد کان آزادي ٽرين جي روانگي جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ آزادي ٽرين 2017ع جي شروعات ٿي آهي، آئون ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، هن جهڙي طرح ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان ريلوي کي مشڪلاتن مان ڪڍيو اهو ساراهه جوڳو آهي ڇو ته 2013ع ۾ پاڪستان ريلوي سخت مشڪلاتن جو شڪار هو. هن چيو ته آزادي ٽرين جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، اڄ پاڪستان پنهنجي آزادي 70 هين سالگرهه ملهائڻ طرف گامزن آهي، سڄي ملڪ ۾ 14 آگسٽ تي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي اهتمام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ پوري قوم حصو وٺندي. هن چيو ته 2014ع تي آزادي ٽرين جي شروعات ٿي، 2017ع جي آزادي ٽرين ۾ قومي ورثي، ثقافت، تهذيب ۽ گذريل چئن سالن جي ترقي جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ريلوي کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ 4 هزار هارس پاور جون انجڻيون خريد ڪيون ويون آهن جيڪي فريٽ جي سهولت لاءِ استعمال ٿينديون. مملڪتي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جهڙي طرح جي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو اهو اهڙو ئي ترقي يافته پاڪستان هو. هن چيو ته آزادي ٽرين ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فلوٽ به شامل آهي. اهو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو خطي جي عوام لاءِ تحفو آهي، اهو ايندڙ نسلن جو اهو خواب آهي جنهن تي اڄ عمل ڪيو پيو وڃي، 2013ع ۾ پاڪستان اونداهين ۾ ٻڏل هو، اسان بجلي جا منصوبا شروع ڪيا، آزادي ٽرين جي هڪ فلوٽ ۾ ان ئي ويزن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي ان ئي فلوٽ تي موٽرويز، رستن جي ڄار، ريلوي جي اپ گريڊيشن ۽ ميٽرو بس جي پڻ عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف 1990ع ۾ موٽرويز نه ٺاهي ها ۽ رستن جو ڄار نه وڇائي ها ته اڄ ملڪ ۾ سي پيڪ نه اچي ها. هن چيو ته آزادي ٽرين ۾ سڀ کان نمايان گيلري اها آهي جنهن ۾ شهرين جي تحفظ جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جي تعاون سان ان گيلري کي سجايو ويو آهي اهڙي طرح هڪ ٻي گيلري ۾ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي ۽ معصوم ڪشميرين، ٻارن ۽ ڀينرن تي ظلم ۽ ان جي مذمت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هڪ گيلري ۾ قومي ورثي، ثقافت ۽ تهذيب جي نمائش ڪئي وئي آهي جڏهن ته عبدالستار ايڌي کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح عورتن خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوج ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير والدين کي چيو ته اهي پنهنجي ٻارن کي آزادي ٽرين جا منظر ڏيکارين ته جيئن نوجوان نسل آزادي جي جدوجهد جي منزل حاصل ڪرڻ کي سمجهي سگهي ته ڪهڙي طرح قائداعظم محمد علي جناح آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. قائداعظم جو خواب هو ته پاڪستان مستحڪم ۽ جمهوري ملڪ بڻجندو. هن چيو ته جمهوريت جمهور سان آهي، پارليامينٽ پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي نمائندگي ڪري ٿي جيستائين پارليامينٽ کي سگهه نه ملندي ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته پاڪستان ۾ پاڪستاني عوام جي حڪمراني هجي، عوام جو چونڊيل وزيراعظم بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي عوام جي خدمت ڪري سگهي، هر شهري کي تحفظ حاصل هجي. هن چيو ته 2013ع ۾ ملڪ دهشتگردي جو شڪار هو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان جي عزم تي عمل شروع ڪيو، 2013ع ۾ دهشتگردي جا واقعا 2600 جي لڳ ڀڳ ٿيندا هئا جيڪي هاڻي 100 جي لڳ ڀڳ آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگردي ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پاڪ فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو اهو ئي مقصد هو ته شهري پاڻ کي محفوظ ۽ آزاد سمجهن، ملڪ ۾ ترقي ۽ آزادي جو مان مٿاهوُن هجي. هن چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 2013ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو تسلسل جاري رکندو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ان جي گهر ويندي ساڻس ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ ڏيوالپڻي طرف وڃي رهيو هو هاڻي اهو اقتصادي قوت بڻجي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اسان 70 هين جشن آزادي جي موقعي تي ميڊيا جي ڪردار ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي ٽرين جو شيڊيول پاڪستان ريلوي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي اها ٽرين ان ڳالهه جي عڪاسي ڪندي ته آئون آهيان پاڪستان، اسان زندهه قوم آهيون. بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي پڙهڻ گهرجي، آئين ئي ان جي حقن جي ترجماني ڪري ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريلوي وارو وفاقي وزير ٽرينن جي انجڻين جي مرمت تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ پهريون ڀيرو بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته جمهوريت جي لاءِ پيپلزپارٽي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، بينظير ڀٽو جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت جي خلاف نه ويندي، جن پارٽين جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن اهي جمهوريت جي استحڪام کان پٺتي نه هٽنديون. ان کان اڳ مملڪتي وزير آزادي ٽرين جو ڦيٿو ڪاٽي افتتاح ڪيو ۽ آزادي ٽرين جي سينگاريل گيلرين ۽ فلوٽس جو مشاهدو ڪيو.