ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي ۾ تمام ڪامياب رهي آهي، حڪومت زراعت ۽ صنعت سميت معيشت جي سمورن اهم شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، والاريل ڪشمير جي عوام پنهنجي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن ۾ڏنو ويو آهي، عالمي برادري کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت سان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرامن ڳالهين تي يقين رکي ٿو. هن اها ڳالهه ناروي جي پرڏيهي بورج برينڊي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه خميس ڏينهن وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ناروي جي پرڏيهي وزير ڪوئيٽا سانحي تي ناروي جي وزيراعظم ۽ عوام پاران تعزيت پهچائي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جو خاتمو سندس حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان قومي اتفاق راءِ جوڙڻ کانپوءِ دهشتگردن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو، جاري ضرب عضب آپريشن سڄي ملڪ مان دهشتگردي کي روڪڻ ۾ تمام ڪامياب رهي آهي، ان سان دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو جن بعد ۾ مايوسي ۾ آسان هدفن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال 4.7 سيڪڙو جي جي ڊي پي واڌ حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ايندڙ مهينن ۾ 5 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح کان مٿي وڃڻ جي اميد رکي ٿو. هن چيو ته حڪومت زراعت ۽ صنعت سميت معيشت جي سمورن اهم شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻو 40 سالن جي رڪارڊ گهٽ ترين شرح تي آهي جيڪو اسان جي دانشمنداڻي اقتصادي پاليسين جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ سالن تائين اسان جي نظام ۾ 10 هزار ميگاواٽ تائين اضافي بجلي شامل ٿي ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ مختلف نوعيت جي توانائي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون ۽ صاف ۽ قابل تجديد توانائي جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم سنڌو درياءَ تي تعمير ڪيو ويندو جنهن سان پاڻي جي ذخيري کانسواءِ 4 هزار 500 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي ۽ ٻوڏ کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته چين جي مدد سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلاتي منصوبا شامل آهن، اهي منصوبا چين سان اسان جي آزمايل دوستي جو عملي اظهار آهي. پاڪستان حڪومت جي دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي کي ساراهيندي بورج برينڊي چيو ته پاڪستان دهشتگردي بابت واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. اسان کي خوشي آهي ته ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي آهي، ملڪ وڌيڪ مستحڪم آهي ۽ اسان ويجهي مستقبل ۾ ان کان به وڌيڪ بهتر صورتحال جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي پرامن افغانستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، اسان افغان قيادت ۾ امن جا قدم کڻڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. علائقائي ڏس ۾ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جيڪو هنن جو بنيادي حق آهي، گڏيل قومن جي قرارداد ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هق ڏي ٿي. والاريل ڪشيمر جي عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو ويو ۽ بي رحمي سان هدف بڻايا ويا، دنيا کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ان صورتحال جي سنگيني کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرامن ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿو. بورج بينڊي چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان جو مثبت ڪردار خوش آئنده آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. ان موقعي تي ناروي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي ناروي جي وزيراعظم پاران پرجوش خيرسگالي جذبا پهچايا. وزيراعظم ناروي جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ ناروي جو سفير تورنيڊريبو ٽائمورج سمٿ، ويب جارن ڊائس وڪ ۽ ڪرسٽينا لائي ريوهائن شامل هئا. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.