عمران خان جهڙا ماڻهو ملڪ ۾ افراتفري جي سياست چاهين ٿا: عابد شير علي

عمران خان جهڙا ماڻهو ملڪ ۾ افراتفري جي سياست چاهين ٿا: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان جهڙا ماڻهو ملڪ ۾ افراتفري جي سياست چاهين ٿا، هو پنهنجي صوبي ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سمورا ٺيڪا جهانگير ترين کي ڏنا ويا آهن، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه خميس ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. عابد شير علي چيو ته وڏن ترقياتي منصوبن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ڪري مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت وڌي وئي آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلدياتي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي پاليسين تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ترقياتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان جي دور ۾ بدعنواني جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو جڏهن ته ان جي ابتڙ خيبرپختونخواهه ۾ ڪيترن ئي وزيرن کي بدعنواني جي الزامن تي برطرف ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي سمورا ٺيڪا ڏنا ويا، جڏهن احتساب ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل بدعنواني جي نشاندهي ڪئي ته کيس عهدي تان ئي هٽايو ويو. عابد شير علي چيو ته عمران خان جهڙا ماڻهو هاڻي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي صوبي ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هاڻي پنهنجي ساک بچائڻ جي لاءِ بهانا ڳولي رهيا آهن.