ميان محمد شريف مرحوم گهر جي ٻارن ۽ ٻاڙين کي 1500 ريال کيسي جي خرچي طور ڏيندو هو: ڪيپٽن (ر) محمد صفدر

ميان محمد شريف مرحوم گهر جي ٻارن ۽ ٻاڙين کي 1500 ريال کيسي جي خرچي طور ڏيندو هو: ڪيپٽن (ر) محمد صفدر

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو آهي ته ميان محمد شريف مرحوم گهر جي ٻارن ۽ ٻاڙين کي 1500 ريال کيسي جي خرچي طور ڏيندو هو، مون کي ان تي فخر آهي، جنهن ماڻهو جو ضمير مري وڃي ان کي ڪو قتل نٿو ڪرائي سگهي، اسان ته مزارن تي هر خميس تي لکين روپين جو تيل ڏيئن جي لاءِ استعمال ڪندا آهيون، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته هن ايوان جي ميمبر چيو آهي ته صفدر کي جده ۾ 1500 ريال ملندا هئا، آئون اها ڳالهه تسليم ڪريان ٿو اها ڳالهه مون جي آءِ ٽي کي ٻڌائي هئي، ميان محمد شريف مرحوم گهر جي ٻارن ۽ ٻاڙين کي 1500 ريال خرچي طور ڏيندو هو اها رقم مون کي اڄ تائين ملندي آهي، مون کي ان تي فخر آهي پر جي آءِ ٽي جي اندر جي ڳالهه ان تائين ڪيئن پهتي ان سان منهنجو استحقاق مجروح ٿيو آهي ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ منهنجي جوابن جي رڪارڊنگ پارليامينٽ کي ٻڌرائي وڃي، هن چيو ته جنهن شخص جو ضمير مري وڃي ان کي ڪو به قتل نٿو ڪرائي سگهي، اسان ته پنهنجي مزارن تي خميس تي لکين روپين جو تيل ڏيئا ٻارڻ جي لاءِ استعمال ڪندا آهيون.