قومي اسيمبلي پاران عائشه گلالئي معاملي جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ منظور

قومي اسيمبلي پاران عائشه گلالئي معاملي جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) قومي اسيمبلي عائشه گلالئي پاران لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي عورت ميمبر عارفه خالد رٿ پيش ڪئي ته وزيراعظم جي تجويز تي عائشه گلالئي جي الزامن جي هڪ مهيني ۾ جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا ان ڪئميرا جاچ ڪري ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته اها ڪميٽي صرف هڪڙي ماڻهو تائين محدود نه هئڻ گهرجي، منهنجي تجويز آهي ته ڪنهن ٻي ميمبر جي خلاف به الزام اچن ته ان ڪميٽي کي اختيار هجڻ گهرجي، قومي اسيمبلي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي تجويز سٺي آهي، قانون واري وزير کي ان جو جائزو وٺي پوءِ هميشه جي لاءِ ان جو بندوبست ڪيو وڃي.