پي آءِ اي جي انتظاميه تبديل ڪئي وئي آهي، نوان جهاز ورتا پيا وڃن: شيخ آفتاب احمد

پي آءِ اي جي انتظاميه تبديل ڪئي وئي آهي، نوان جهاز ورتا پيا وڃن: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته 1999ع ۾ منافعي ۾ هلندڙ قومي ايئر لائين 2013ع ۾ اسان کي شديد خساري ۾ ملي، پي آءِ اي جي انتظاميه تبديل ڪئي وئي آهي، نوان جهاز ورتا پيا وڃن، جنهن سان ٻارڻ جي به بچت ٿيندي، 14 آگسٽ تي پي آءِ اي جي نئين پريميئر سروس شروع ڪئي وئي آهي، پي آءِ اي بابت پارليامينٽ جي ميمبرن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، ڪراچي کان به پريميئر سروس تحت اڏامون هلايون وينديون، بهتر انتظامي قدمن تحت پي آءِ اي جي خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شيخ صلاح الدين جي پي آءِ اي جي مختلف عالمي روٽس جي بندش بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته پي آءِ اي جي ڪجهه روٽس تي اڏامن جي بندش آهي، بدقسمتي سان جڏهن اسان کي حڪومت ملي 34 مان صرف 20 جهاز رهجي ويا هئا، وزيراعظم پي آءِ اي جي بهتري لاءِ 16 ارب جي گرانٽ ڏني ته جيئن جهازن جي مرمت ڪري سگهجي، پر ان سان به ڪم نه ٺهيو، پوءِ اسان ڊرائي ويٽ ليز تي نوان جهاز ورتا، هن چيو ته ڪيترائي روٽس اهڙا آهن جن تي قومي ايئر لائين کي خسارو ٿيو، هنن ڪيترن ئي روٽس کان ٿيڻ واري نقصانن جون تفصيلون به ايوان ۾ پيش ڪيون، هن چيو ته پي آءِ اي جي هوائي ٻيڙي ۾ 38 جهاز آهن، 14 آگسٽ تيبرطانيه جي لاءِ نئين پريميئر اڏام جو به وزيراعظم افتتاح ڪيو آهي، جڏهن اسان کي يقين ٿيندو ته ڪنهن روٽ تي اسان کي نقصان نه ٿيندو ته اڏامون ٻيهر شروع ڪيون وينديون، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي شيخ صلاح الدين سيد آصف حسنين، ڪشور زهره، ايس اي اقبال قادري ۽ عبدالوسيم جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پي آءِ اي ۾ بد انتظامي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو 1999ع ۾ منافعي ۾ ويندڙ قومي ايئر لائين 2013ع ۾ اسان کي شديد خساري ۾ ملي. پي آءِ اي جي انتظاميه تبديل ڪئي وئي آهي. نوان جهاز ورتا پيا وڃن، جنهن سان ٻارڻ جي به بچت ٿيندي. پي آءِ اي بابت پارليامينٽ جي ميمبرن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. ڪراچي پاڪستان جي دل آهي، اتان کان به پريميئر سروس تحت اڏامون هلايون وينديون. بهتر انتظامي قدمن تحت پي آءِ اي جي خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي.