پاڪستان مان ڊي پورٽ ڪيل آمريڪي شهري کي ويزا ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي: چوڌري نثار علي خان

پاڪستان مان ڊي پورٽ ڪيل آمريڪي شهري کي ويزا ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي: چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان مان ڊي پورٽ ڪيل آمريڪي شهري کي ويزا ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ داخلا جي ذميدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هن آمريڪي شهري پاڪستان عورت سان شادي ڪئي آهي، جڏهن ته هن جا ٻه ٻار به آهن، جيڪي هن سان گڏ آمريڪا ۾ رهندڙ آهن ان جي خلاف شروعاتي جاچ ۾ جاسوسي جا ڪي ثبوت ناهن مليا، ڪوئيٽا سانحي جي حوالي سان ڪجهه شاهديون سامهون آيون آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين چارئي وڏا وزير ان حوالي سان جائزي اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿيندا، نيشنل ايڪشن پلان جي 20 نقطن مان 9 صوبن ۽ 8 وفاقي وزارتن بابت آهن، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته پاڪستان مان ماضي ۾ ڊي پورٽ ٿيل آمريڪي شهري ڪيئن پاڪستان ۾ واپس آيو ۽ ان کي وري واپس وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جا اطلاع آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوئيٽا واقعي جي حوالي سان به تازن اطلاعن کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي، ان جي جواب ۾ گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ان ماڻهو کي 48 ڪلاڪن بدران 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جاري ڪيو ويو، اها ڪهڙي خوبي هئي جو ان کي 24 ڪلاڪن ۾ ويزا ڏني وئي، هن ويزا فارم ۾ خالي جايون ڇڏيون آهن ۽ ڪجهه جاين ۾ هن ها ۽ نه ٻنهي ۾ جواب ڏنا آهن، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزارت ئي بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، گهرو وزارت ان معاملي جي جاچ ناهي ڪري رهي، اسان ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته بيرٽ نامي آمريڪي شهري کي 2011ع ۾ فتح جهنگ ويجهو سيڪيورٽي اهلڪارن جهليو، ان کان ڪي نقشا برآمد نه ٿيا، ان جو پاڪستاني سهرو وڪيل آهي، ان باقاعده سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهيو آهي، سپريمڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ان کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، اسان جي آءِ ٽي جوڙي جنهن جي 6 ڏينهن کانپوءِ رپورٽ آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جايوسي جون ڪي شاهديون ناهن مليون، ان جي گهرواري پاڪستاني آهي، جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن، جيڪي 2011ع ۾ ڊي پورٽ هئڻ وقت ان سان گڏ آمريڪا هليا ويا هئا، هن چيو ته جنهن ايف آءِ اي جي اهلڪار هن کي اميگريشن جي وقت ڪليئر ڪيو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ڊي جي اميگريشن ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کان به وضاحت گهري وئي آهي، جنهن ايف آءِ اي جي اهلڪار ان ماڻهو کي پڪڙيو آهي ان کي حڪومت پاران کان هڪ لک روپيا انعام به ڏنو وڃي، هن چيو ته ڪوئيٽا جي واقعي جي حوالي سان ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، تنهن هوندي به اڃان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، اسان ان واقعي جي روزاني جي بنياد تي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون، صوبائي حڪومت پاران هڪ فوٽو ۽ آڱرين جا نشان اسان کي موصول ٿيا، فوٽو جو ان واقعي سان ڪو به تعلق نه آهي، تنهن هوندي به آڱرين جي نشانن جي تصديق ٿي وئي آهي، ان ماڻهو جو پشين سان تعلق آهي، اسان تصديق ڪئي آهي هو به ڌماڪي جو متاثر ماڻهو نڪتو آهي، هينئر تائين مليل شاهدين مان اسان کي ڪجهه ناهي مليو، حملي آور جو مٿو اهڙي طرح چچريل هو جو ان سان ڪو به رستو ناهي مليو رهيو، تنهن هوندي به انٽيلي جنس ادارن شاهديون گڏ ڪيون آهن، جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي صحيح معنيٰ ۾ عملدرآمد ان وقت ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ماهوار اجلاس ۾ چئني وڏن وزيرن کي گهرايو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان جي 20 نقطن مان 9 صوبن ۽ 8 وفاقي وزارتن بابت آهن، هن چيو ته فيصلا قيادت جي سطح تي ٿيندا، ڪميٽي ان لاءِ قائم ڪئي وئي آهي ته ان ۾ شامل ميمبر پنهنجي پنهنجي قيادت کي صورتحال کان آگاهه ڪن.