رآن پاڪ جي ڇپائي جي حوالي سان حڪومت جامع بل آڻي رهي آهي: پير امين الحسنات

رآن پاڪ جي ڇپائي جي حوالي سان حڪومت جامع بل آڻي رهي آهي: پير امين الحسنات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات چيو آهي ته قرآن پاڪ جي ڇپائي جي حوالي سان حڪومت جامع بل آڻي رهي آهي، ان تي صوبن کي به اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي، قرآن جي مقدس ورقن جي ري سائيڪلنگ جي حوالي سان يونٽ به لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومتي ميمبر ميجر (ر) طاهر اقبال جو ان حوالي سان بل ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميجر (ر) طاهر اقبال رٿ پيش ڪئي ته قرآن پاڪ جي ڇپائي (طباعت ۽ رڪارڊنگ جي غلطين جو خاتمو) (ترميمي) بل 2015ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي، مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات چيو ته حڪومت ان حوالي سان جامع بل آڻي رهي آهي ۽ ان معاملي تي صوبن کي به اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ميمبر ان بل تي ٿورو صبر ڪري، ميجر (ر) طاهراقبال چيو ته هڪ مهيني تائين بل کي ملتوي ڪرڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي. صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، مملڪتي وزير پير امين الحسنات خاطري ڪرائي ته جيستائين وفاق جون سڀئي ڌريون ان معاملي تي متفقه نه ٿينديون، قانونسازي بي معنيٰ ٿي ويندي. قرآن حڪيم جي مقدس ورقن جي ري سائيڪلنگ لاءِ يونٽ به لڳايو پيو وڃي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مقدس ورق جمع ڪرڻ جي معاملي تي به غور ڪيو پيو وڃي، بل کي مملڪتي وزير جي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو.