تشدد، حراستي موت ۽ حراستي زنا (روڪڻ ۽ سزا) بل 2015ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

تشدد، حراستي موت ۽ حراستي زنا (روڪڻ ۽ سزا) بل 2015ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اگست 2016ء) تشدد، حراستي موت ۽ حراستي زنا (روڪڻ ۽ سزا) بل 2015ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو اڱاري ڏينهن نفيسه عنايت الله خٽڪ رٿ پيش ڪئي ته تشدد، حراستي موت ۽ حراستي زنا (روڪڻ ۽ سزا) بل 2015ع سينيٽ جي منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. وفاقي وزير زاهد حامد بل جي مخالفت نه ڪئي، هن تجويز ڏني ته بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، نفيسه عنايت الله خٽڪ چيو ته ان بل جي منظوري سان جيل ۾ قيدين کي تحفظ ملندو. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ان بل تي ايوان ۾ ووٽنگ ڪرائي وڃي، وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته ڪميٽي ۾ بل کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قاعدي148 تحت بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪري سگهجي ٿو، ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته عزت جي نالي تي قتل بل ۽ جبري زنا بلن وانگر اهو بل به دير جو شڪار ٿي ويندو، ڊپٽي اسپيڪر وفاقي وزير زاهد حامد جي درخواست تي بل ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.