پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو: وفاقي وزيرسينيٽر پرويز رشيد

پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو: وفاقي وزيرسينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13 اگست 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، اڄ به حقيقي تبديلي ۽ پاڪستان کي خوشحال بڻائڻ جي منزل پارلياماني ۽ جمهوري طرز سياست سان ئي ممڪن آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ علامه اقبال جي فڪر جي ابتڙ تبديلي جي ڪا به ڪوشش فڪري انتشار کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جشن آزادي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي مجله آهنگ جي آزادي نمبر جي اشاعت تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ سياسي، جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ هڪ جدا ملڪ جي خواب کي شرمنده تعبير ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي جتي رهندڙ سمورا شهري بنا تعصب پاڪستاني رياست جا برابر شهري هجن، جنهن ۾ رنگ، نسل ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪو فرق نه هجي، اسان پاڪستان جي باني محمد علي جناح جو رهنما اصول اختيار ڪري ئي پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. هن تبديلي ۽ حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوري ۽ قانوني جدوجهد ڪئي ۽ مسلمانن کي انگريز جي غلامي کان ڇوٽڪارو ڏياريو. وفاقي وزير چيو ته اڄ به حقيقي تبديلي ۽ پاڪستان کي خوشحال بڻائڻ جي منزل پارلياماني ۽ جمهوري طرز سياست سان ئي ممڪن آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ علامه اقبال جي فڪر جي ابتڙ تبديلي جي ڪا به ڪوشش فڪري انتشار کانسواءِ ڪجهه نه آهي. قائداعظم محمد علي جناح جا فرمان پاڪستان جي روشن تحريڪ جا روح روان هئا. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل اصولن کي مشعل راهه بڻائيندي ملڪ ۽ قوم جي تعمير ڪنداسين ۽ مثالي قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي کي اڳيان وڌائينداسين. منهنجي پاران سمورن پاڪستانين کي آزادي جو ڏهاڙو مبارڪ هجي، جشن آزادي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي ماهوار مجله آهنگ جي آزادي نمبر جي اشاعت بهتر قدم آهي.