وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بارڊر مينيجمينٽ کي بهتر ۽ اندروني سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سول آرمد فورسز جون 29 نيون شاخون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سرڪاري عملدارن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي اندروني سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمدي ڪميٽي جو سربراهه هوندو جڏهن ته گهرو سيڪريٽري، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل، صوبائي سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس، گهرو سيڪريٽريز ۽ وزيراعظم آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا. هر انٽيلي جنس ايجنسي مان هڪ هڪ نمائندو ان ڪميٽي جي مدد ڪندو جڏهن ته فوج جي نمائندگي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم او) ڪندو. اجلاس ۾ دهشتگردن جي فنڊنگ کي روڪڻ لاءِ موجوده طريقيڪار جو به جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پارليامينٽ طرفان تازي منظور ٿيل سائيبر ڪرائيم بل به اجلاس ۾ غور هيٺ آندو ويو. هي فيصلو ڪيوويو ته ان قانون جي حوالي سان عملدرآمدي نظام جلد کان جلد قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي مددگار طارق فاطمي، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.