ڪوئيٽا ۾ پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي: چوڌري نثار علي خان

ڪوئيٽا ۾ پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي: چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، قومي سلامتي جي حوالي سان اجلاس جاري آهي جنهن جي پڄاڻي تي ايوان کي تفيصلن کان آگاهه ڪندس، تنهن هوندي به دهشتگردي جي واقعن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي، هلندڙ سال پهرين 8 مهينن ۾ ڪل 171 واقعا پيش آيا آهن، اسان انهن واقعن کي صفر تائين آڻڻ چاهيون ٿا، سيڪيورٽي ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جي حوالي سان ايوان ۾ ٿيندڙ تقرير قابل مذمت آهي، جيڪڏهن هو ايجنسين جي ڪردار جي ان قدر خلاف آهن ته ان جي آواز ۽ ٻين غير ملڪي ايجنسين جي خلاف به اٿڻ گهربي هئي، هي وقت سيڪيورٽي ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين سان گڏ بيهڻ جو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جيڪڏهن اسان جو اتفاق ۽ اتحاد اهڙي طرح قائم رهيو ته اسان ڪاميابي سان همڪنار ٿينداسين. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ گذريل ڏينهن فيصلو ڪيو ويو هو ته اڄ ان حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو جنهن کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هي اجلاس خميس تي به ٿيندو ۽ ان ۾ چئني صوبائي وڏن وزيرن کي به دعوت ڏني ويندي، مون کي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪرڻو هو پر اجلاس جاري آهي، جيستائين ڪوئي فيصلو نٿو ٿئي ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو تنهن هوندي به اجلاس ۾ ان حوالي سان مڪمل اتفاق راءِ آهي، اڍائي سالن ۾ سيڪيورٽي ۾ بهتري آئي آهي، هن چيو ته منهنجون ايوان جون سموريون تقريرون ڪڍي ڏسي وٺو جنهن ۾ مون سدائين الله تعاليٰ جي مهرباني کانپوءِ پوري قوم جي اتحاد ۽ اتفاق کي اهميت ڏني آهي، مون پهريون ڀيرو ايوان ۾ آصف علي زرداري جي واکاڻ به ڪئي، هن چيو ته رڪارڊ موجب پاڪستان ۾ پنج کان 6 ڌماڪا روزانو ٿيندا هئا، 10 -2009ع بدترين سال آهي جنهن ۾ 2 هزار دهشتگردي جا واقعا ٿيا، اسلام آباد ۾ محفوظ نه هو، ميريٽ هوٽل واقعي ۾ سفارتڪار به ماريا ويا، پنجاب جو گورنر به ماريو ويو، جي ايڇ ڪيو تي حملو ٿيو جيڪو 36 ڪلاڪ جاري رهيو، نيول ۽ دفاعي تنصيبات تي حملا ٿيا، هن چيو ته آئون نٿو چوان ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي، پهرين ڌماڪو نه ٿيندو هو ته خبر ٺهندي هئي، اڄ ڪو ڌماڪو ٿئي ٿو ته خبر ٺهندي آهي، هن چيو ته هاڻي حالتون مختلف آهن، هي سڀ ڪجهه سول ملٽري اتحاد جي ڪري ٿيو آهي، اسان عسڪريت پسندن سان ڳالهين جي ذريعي امن جي ڳالهه ٻولهه جو آغاز ڪيو جنهن جي تائيد ان وقت جي آرمي چيف، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين اسان جو ساٿ ڏنو اسان دل ۽ جان سان ڳالهيون ڪيون جنهن کانپوءِ واضح تبديلي آئي، هن چيو ته دهشتگرد هڪ طرف اسان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ٻئي طرف هنن ملڪ جي گهٽين، چوڪن کي يرغمال بڻائي رکيو هو، هي انهن جو ٻٽو معيار هو، اپريل 2014ع کان جون تائين ٽي اهم اجلاس ٿيا جنهن ۾ سول ملٽري ڳالهه ٻولهه جاري رهي، جنهن ڏينهن ڪراچي ايئرپورٽ تي حملو ٿيو وزيراعظم ان ڏينهن چيو ته گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هاڻي ٻيو آپشن به استعمال ڪرڻو پوندو، اصولي طور تي مئي ۾ هي فيصلو ٿيو ۽ 14 جون تي مڪمل سول ملٽري اتفاق راءِ ٿيو. تحريڪ انصاف جا خدشا هئا، مون پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي سامهون رڪارڊ پيش ڪيو جنهن کانپوءِ انهن جو چوڻ هو ته ملٽري آپريشن جي هو مخالفت نه ڪندا. هن چيو ته جنرل راحيل شريف جوبه اهو ئي چوڻ آهي ته ڪوئي به آپريشن ان وقت تائين ڪامياب نٿو ٿي سگهي جنهن جي سپورٽ پاڪستان جي عوام نه ڪندي. هن چيو ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي پورٽ سميت دنيا جي ادارن جي رپورٽ ۾ اسان جي ڪاوشن کي تسليم ڪيو ويو آهي، هلندڙ سال پهرين 8 مهينن ۾ هيستائين 181 واقعا پيش آيا، گذريل سال دهشتگردي جا 477 واقعا رونما ٿيا، اسان انهن واقعن جي تعداد صفر تائين آڻڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جي فوج، انٽيلي جنس ايجنسيون ۽ پوليس جو وڏو اهم ڪردار آهي، هي اسان جا مجاهد آهن ۽ انهن کي پوري قوم جي حمايت حاصل آهي، نيشنل ايڪشن پلان ٺهي ڏيڍ سال ٿي ويو آهي، مون ڪڏهن به ڪنهن صوبائي حڪومت تي تنقيد ناهي ڪئي، جيڪڏهن اسان جو اتحاد ۽ اتفاق قائم رهيو ته اسان دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. پر گذريل ڏينهن هن ايوان مان جيڪو آواز آيو ان تي افسوس ٿيو، هڪ طرف اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ اداري پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوري قوم انهن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي پر ايوان جي اندران آواز مان ڏک ٿيو آهي، آئون بطور هڪ ذميدار حڪومتي ميمبر جي اهڙي بيان جي مذمت ڪريان ٿو، اهڙي موقعي تي بيان ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، جيڪڏهن ڪو ايجنسين جي ڪردار جي خلاف آهي ته ان جو آواز ”را“ ۽ ٻين غير ملڪي ايجنسين جي خلاف به اٿڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪوئيٽا حملو وڏي سائنسي انداز ۾ ڪيو ويو، هڪ شهادت کانپوءِ کين خبر هئي ته سڀ وڪيل گڏ ٿيندا جنهن کانپوءِ هي ڪارروائي ڪئي وئي، آءِ ايس آءِ هجي يا آءِ بي يا صوبائي سيڪيورٽي ادارا سڀني سان انٽيلي جنس شيئرنگ ٿيندي. هن چيو ته ٻه ڀيرا نيشنل ايڪشن پلان تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي بريفنگ ڏئي چڪو آهيان، آئنده به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو ڪريڊٽ سدائين ايوان کي ڏنو آهي، اسان فيصلائتي مرحلي ۾ آهيون جيڪڏهن اسان جو اتفاق ۽ اتحاد قائم رهيو ته ڪاميابي اسان جي منزل بڻجندي. وفاقي حڪومت ڪڏهن ڪريڊٽ نه ورتو آهي. هن چيو ته فوجي عدالتون مسلم ليگ (ن) سياسي مخالفن جي لاءِ نه دهشتگردن جي لاءِ بڻايون هيون، هن چيو ته قومي سلامتي جي حوالي سان جاري اجلاس جي پڄاڻي تي ايوان کي بريفنگ ڏيندس. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:37