سينيٽ چيئرمين پاران وڪيلن جي شهادت تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سيد علي ظفر سان تعزيت

سينيٽ چيئرمين پاران وڪيلن جي شهادت تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سيد علي ظفر سان تعزيت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ وڪيلن جي شهادت تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سيد علي ظفر سان تعزيت ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته بنيادي فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، الزام بازي بدران پنهنجي غلطين جي نشاندهي ڪري انهن کي صحيح ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽر مشاهد الله ۽ ٻين سان گڏجي وڪيلن جي شهادت تي تعزيت جي لاءِ سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ موجود سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي آفيس ويو جتي بار جي صدر سيد علي ظفر بار جي ٻين عهديدارن سان گڏجي سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ وڪيلن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن کي اهو صدمو حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين بم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ وڪيلن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي، هن ڪوئيٽا اسپتال ۾ بم ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وڪيل جمهوريت جو ٿنڀ آهن ۽ ان حوالي سان انهن جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڪو ثاني نه آهي. هن چيو ته پاڪستان دشمنن جي ان بزدلاڻي ڪارروائي سان اسان جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا پر اسان جو اهو عزم وڌيڪ پختو ٿيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو هر قيمت تي خاتمو ڪيو ويندو. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر سيد علي ظفر سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ تعزيت جي لاءِ ايندڙ وفد جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان يڪجهتي جي ان اظهار تي سينيٽ جي وفد جا ٿورائتا آهيون، ڇو ته هن وقت اسان کي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ بار جي صدر سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ان سنگين واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته هاڻي رياست کي بنيادي فيصلا ڪرڻا پوندا، اهي فيصلا مشڪل ۽ ڏکيا به ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن رياست بنيادي فيصلا نه ڪندي ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هي وقت الزام بازي جو نه آهي پنهنجي ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري انهن کي صحيح ڪرڻ جو آهي ته جيئن قوم جي گڏيل دانش ذريعي ملڪ کي ان لعنت کان پاڪ ڪيو وڃي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 19:38