وزيراعظم پاران بان ڪي مون ۽ پرنس زيدراد الحسين کي خط

وزيراعظم پاران بان ڪي مون ۽ پرنس زيدراد الحسين کي خط

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پرنس زيدراد الحسين کي خط لکي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي لاڳيتو خلاف ورزين کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪيو وڃي جن ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ هڪ منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو آهي. وزيراعظم ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي چيو ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد، 3500 زخمي ٿي چڪا آهن جن مان 400 جي حالت نازڪ آهي، فائرنگ سبب ڪيترن ئي معصوم ڪشميرين جون اکيون ضايع ٿيون، ان ڏاڍ جو سڌوسنئون مقصد ڪشميرين کي سخت زخمي ڪرڻ آهي، ڀارت جو اهو ظلم قابل قبول نه آهي. وزيراعظم چيو ته عدالت کان مٿانهن قتلن تي پرامن احتجاج ڪندڙ بيگناهه شهرين جي خلاف طاقت جو غيرقانوني ۽ وحشياڻو استعمال بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽرن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ ۽ طبي سهولتن جي روڪٿام لاءِ اسپتالن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي، اها صورتحال ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد دٻائڻ جي لاءِ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو اظهار آهي. وزيراعظم ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ بربريت جي جاچ ڪرڻ، ڪشميرين جي بنيادي حقن جي تحفظ، برهان مظفرواني جي بي رحماڻي قتل جي جاچ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو.