والاريل ڪشمير ۾ جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين جو آواز بڻجڻ سندس فرض آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

والاريل ڪشمير ۾ جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين جو آواز بڻجڻ سندس فرض آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين جو آواز بڻجڻ سندس فرض آهي، دنيا کي ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ جائز جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندس. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي بابت تياري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي نفي گڏيل قومن جي مسلسل ناڪامين مان هڪ آهي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري جو حق ڪشميرين جو بنيادي حق آهي ۽ آئون اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي حمايت جي لاءِ هر ڪوشش ڪندس. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحه لوڌي، آمريڪا۾ پاڪستان جي سفير جليل عباس جيلاني ۽ ٻين سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شامل ڪئي ويندڙ ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم جي شرڪت متوقع آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪشمير گڏيل قومن جي نامڪمل ايجنڊا آهي تنهن ڪري ڀارت کي احساس ٿيڻ گهرجي ته ڪشمير ان جو اندروني نه پر علائقائي ۽ عالمي ڳڻتي وارو معاملو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:49