ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ آهي: وفاقي وزير اڪرم خان دراني

ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ آهي: وفاقي وزير اڪرم خان دراني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ آهي، اقتصادي لنگهه ڪنهن هڪ صوبي جو نه پوري پاڪستان جو منصوبو آهي، ان سان نئون پاڪستان ٺهڻ وڃي رهيو آهي، جيڪي دشمن اسان جي خلاف واضح ڪاررواين ۾ ملوث آهن ته اسان کي به انهن جو نالو کڻڻ گهرجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير ڪوئيٽا سانحي کي افسوسناڪ ۽ ڏکائتو قرار ڏنو ۽ ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ان ۾ عظيم نقصان ٿيو آهي، ان کي ڪوئيٽا تي نه پر پاڪستان تي حملو قرار ڏيڻ گهرجي. آرمي چيف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ٻنهي هڪ جهڙو بيان ڏنو ته سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اهو حملو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پوري پاڪستان جو منصوبو آهي ۽ ان سان نئون پاڪستان ٺهڻ وڃي رهيو آهي، اهي بيان انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي ڏنا ويا آهن، جيڪڏهن اسان جو دشمن واضح آهي ته اسان کي هاڻي اشارن ۾ ڳالهه ڪرڻ بدران ان جو نالو کڻڻ گهرجي، گوادر پورٽ جي خلاف جيڪڏهن آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته ان سان ڳالهايو وڃي ۽ پنهنجي قوم کي حقيقتون ٻڌايون وڃن، جيستائين عوام کي فيصلن ۾ شريڪ نه ڪيو ويو ته گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا. هن چيو ته پاڪ فوج هن ملڪ جي فوج آهي، آرمي چيف سدائين آئين جو احترام ڪيو، اسان کي پنهنجي فوج، انٽيليجنس ادارن ۽ آرمي چيف تي فخر آهي، آرمي چيف ۽ وزيراعظم جو اتي وڃڻ ذميواري هئي، مولانا فضل الرحمان تي چار حملا ٿيا، هن پنهنجي جان تري تي رکي انهن ماڻهن کي چيو ته اهي ملڪ سان جيڪا راند کيڏي رهيا آهن اها صحيح نه آهي. هن چيو ته هر عالم دين ۽ پارليامينٽرين کي خطرو آهي، اسان سڀني کي هن ايوان ۾ ويهي حڪمت عملي جوڙڻي آهي، اهو ته الله جو شڪر آهي جو حڪومت، فوج ۽ ادارا هڪ صفحي تي آهن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:35