وزيراعظم پاران سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو، زخمين جي عيادت ڪئي

وزيراعظم پاران سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو، زخمين جي عيادت ڪئي

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت ڪئي. هٿياربند فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف، بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر جنجوعه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي پهتو هو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.