اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 17 يونيورسٽيون مستقل وائيس چانسلرن کانسواءِ هلي رهيون آهن، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران لکت ۾ ايوان کي تعليم واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي، يونيورسٽي آف پونچ راولاڪوٽ، ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاور، يونيورسٽي آف سوات، شهداءِ آرمي پبلڪ اسڪول، يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي نوشهره، پنجاب يونيورسٽي لاهور، لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي، سرگوڌا يونيورسٽي، غازي يونيورسٽي ڊي جي خان، انجنيئرنگ يونيورسٽي ملتان، ساهيوال يونيورسٽي، جهنگ يونيورسٽي، اوڪاڙه يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي مستقل وائيس چانسلرن کانسواءِ هلي رهيون آهن.
ملڪ ۾ هن وقت 17 يونيورسٽيون مستقل وائيس چانسلرن کانسواءِ هلي رهيون آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي
8 سال پھريان