خيبرپختونخواهه صوبي جي عوام جي بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ان سان محرومين ۾ اضافو ٿيندو: حاجي غلام احمد بلور

خيبرپختونخواهه صوبي جي عوام جي بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ان سان محرومين ۾ اضافو ٿيندو: حاجي غلام احمد بلور

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي عوام جي بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ان سان محرومين ۾ اضافو ٿيندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مردان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي، جن پختونن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ هئا، ان حوالي سان ڊپٽي اسپيڪر جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي فيصلو ڪيو هو ته اهي 15 ڏينهن ۾ کوليا ويندا، گهرو وزارت پاران ان فيصلي موجب قومي اسيمبلي ۾ بيان ناهي ڏنو ويو، هن چيو ته پختونن جي بلاڪ سڃاڻپ ڪارڊن جو معاملو فوري طور تي حل ڪيو وڃي نه ته ان سان محرومين ۾ اضافو ٿيندو.