سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي حوالي سان جيڪو موقف اختيار ڪيو: سيد خورشيد شاهه

سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي حوالي سان جيڪو موقف اختيار ڪيو: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي حوالي سان جيڪو موقف اختيار ڪيو، اسان کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀني کي ٻنهي ايوانن جو احترام ڪرڻ گهرجي، گذريل چئن سالن کان 200 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ 120 ڀيرا هن ايوان جو ڪورم ٽٽو آهي، اسان کي ايوانن جو احترام آهي ۽ رهندو، اهڙين حالتن سان هن ايوان جي عوام ۾ کل ٿئي ٿي، اليڪشن جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا آهن، هاڻي اسان کي عوام جي غربت تمام گهڻي ياد ايندي. هن چيو ته توهين رسالت جي نالي تي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، ان معاملي تي اسان پاڻ عدالتون هنيون آهن، 1990ع کان هيستائين توهين رسالت جي نالي تي 65 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جن مان ڪنهن هڪ کي به عدالت سزا نه ڏني، اسلام ان جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته قوم کي متحد ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا. ان معاملي تي ايوان ۾ قرارداد اچڻ گهرجي، اهو ئي قوم کي متحد ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو آهي، ان سان قوم کي پيغام ويندو. هن چيو ته اهڙن ماڻهن کي هتان پيغام ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪي ٻنهي جهانن جي سردار محمد صلي الله عليه وسلم جي نالي تي توهين آميز ڪارروايون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت سنڌ کي ان جي پاڻي جو حصو نه ملي رهيو آهي، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي مسئلو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان هن ايوان مان اهو قانون منظور ڪيو آهي ته جن ماڻهن کي ڪنهن ڏوهه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کڻندا، انهن کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي، اسان جي ٽن ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، هن ايوان جي ٺاهيل قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ پوري ايوان جي توهين آهي.