ڊپٽي اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي ڪري اجلاس جي ڪارروائي روڪڻ جي ڪوشش ناڪام

ڊپٽي اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي ڪري اجلاس جي ڪارروائي روڪڻ جي ڪوشش ناڪام

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پي ٽي آءِ پاران ڪورم جي نشاندهي ڪري اجلاس جي ڪارروائي روڪڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايوان ۾ ميمبرن جي دلچسپي جي کوٽ نظر اچي رهي آهي ان لاءِ اسان مجبورن ايوان ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مخالف ڌر جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس آهي ان کانپوءِ توهان ڪورم جي نشاندهي ڪري سگهو ٿا، ڊاڪٽر عارف علوي ڊپٽي اسپيڪر جي چوڻ تي ڪورم جي نشاندهي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ صاحبزاده يعقوب خان وفاقي اردو يونيورسٽي اسلام آباد جي 60 کان وڌيڪ استادن ۽ عملي جي پگهارن جي عدم ادائيگي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، حڪومت پاران لاڳاپيل وزير ان وقت ايوان ۾ موجود نه هو، ان تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وڌيڪ غور سومر تي ٿيندو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام پنجين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.