وزيراعظم پاران شميم آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران شميم آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف مشهور فلمي اداڪاره شميم آرا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته مرحوم اداڪاره پنهنجي بي مثال صلاحيت ذريعي پاڪستان ۾ فلمي صنعت جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان هڪ عظيم اثاثي کان محروم ٿي ويو آهي، هن چيو ته فلمي صنعت جي فروغ لاءِ ان جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکايل خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.