هڪ ٻيو به ڌرڻو ڏيڻ جو ارادو رکندڙ سياسي پارٽين کي هاڻي به ڪجهه حاصل نه ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

هڪ ٻيو به ڌرڻو ڏيڻ جو ارادو رکندڙ سياسي پارٽين کي هاڻي به ڪجهه حاصل نه ٿيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هڪ ٻيو به ڌرڻو ڏيڻ جو ارادو رکندڙ سياسي پارٽين کي هاڻي به ڪجهه حاصل نه ٿيندو، اهڙي نعرن سان پاڪستان جي عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي، باشعور عوام ڄاڻي ٿو ته ڪير ترقي ۽ ڪير انتشار جي سياست ڪري رهيو آهي، سياست ۾ ڌرڻن سان نه پر ڪارڪردگي سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو رڪارڊ آهي ته هو ترقي جي سياست ڪندي آهي،اسان اڄ سان گڏوگڏ مستقبل کي به روشن بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، هن اها ڳالهه خميس ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪابينا جي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ صلاحڪارن سميت مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم جي اجلاس ۾ اچڻ تي شرڪت ڪندڙن سندس ڀرپور آجيان ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم لنڊن ۾ اوپن هارٽ سرجري کان اڳ ۽ بعد ۾ صحت جي بحالي جي لاءِ دعائون ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام باشعور بڻجي چڪي آهي، عوام ڄاڻي ٿي ته ڪير ترقي جي سياست ڪري ٿو ۽ ڪير انتشار جي، هن چيو ته سياست ڌرڻن سان نه پر صرف ڪارڪردگي سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جي سڀني پارٽين آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران حڪومت جي خلاف سخت زبان استعمال ڪئي پر عوام چونڊ نتيجن جي صورت ۾ ان جا نتيجا ڏٺا آهن، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ عوام اسان کي چونڊيو، گلگت بلتستان جي چونڊن، لوڪل باڊيز جي چونڊن، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۽ هاڻي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عوام اسان تي اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن تي اسان الله تعاليٰ جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن عوام کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت پنهنجي باقي دور دوران انهن سان ڪيل سڀئي واعدا پورا ڪندي. هن پارلياماني ميمبرن تي زور ڏنو ته اسان کي ترقياتي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ گهرجي. اسان کي ايندڙ ٻن سالن جي دوران پنهنجي تاريخي ترقي کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ جو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تي گذريل ٽن سالن دوران تمام گهڻو فضل ۽ ڪرم رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي پروپيگنڊا باوجود حڪومت معيشت کي ٺوس بنيادن تي هموار ڪيو. هن چيو ته معيشت جي بهتري جي ڳالهه مان نه پر عالمي مالياتي ادارا، مشهور عالمي اخبارون ۽ ريٽنگ ايجنسيون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو هو، اڄ پري پري تائين ان جو نالو نشان نه آهي. اڄ پاڪستان اڀرندڙ معيشت بڻجي چڪو آهي. هن سال اسان خوش دلي سان آءِ ايم ايف جي پروگرام کي خدا حافظ چئي رهيا آهيون. الحمدالله اسان اڄ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا آهيون. اڄ پاڪستان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تاريخي بلندين تي پهچي چڪا آهن، وزيراعظم چيو ته جيڪي سرمائيدار ماضي ۾ پاڪستان کان پنهنجو سرمايو ڪڍي رهيا هئا اڄ اهي ماڻهو پاڻ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين کي به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ ملڪ جي ترقي لاءِ متبادل توانائي جي ذريعن سان هلندڙ بجلي جا ڪارخانا پنهنجي اصل لاڳت کان گهٽ لاڳت ۾ لڳائي رهيا آهيون، چيني ڪمپنين پاران تعمير ڪيل ٻه پاور پلانٽس 6 کان 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا، ايل اين جي سان هلندڙ 2 بجلي گهر به تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ حڪومت منصوبن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ان بجلي گهرن مان سئو ارب روپين جي بچت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پهرين به چوندو رهيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر چئي رهيو آهي ته پرويز مشرف کي قومي اسيمبلي ۾ گهرائڻ گهرجي، ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان پڇڻ گهرجي ته هن توانائي بحران جي حل تي ڇو ڌيان نه ڏنو. هن توانائي بحران جي حل لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ حڪومت ڪوئلي ۽ ٻي متبادل توانائي ذريعن کي به استعمال ۾ آڻي رهي آهي، پهريون ڀيرو ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي بجلي جي پيداوارجي لاءِ استعمال ۾ آندو پيو وڃي. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه گهڻو پهرين ٿيڻ گهرجي ها پر اڳوڻي حڪومتن جي دور ۾ ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، ان ماڻهن کي انڌيرن ۾ ڌڪو ڏنو ويو، الحمد الله اسان عوام کي اونداهي مان ڪڍي روشني ۾ آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم نواز شريف چيوته دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، ان ڏس ۾ هٿياربند فوج جو ڪردار تحسين جي قابل آهي. هن هٿياربند فوج، پوليس ۽ شهرين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، هن چيو ته اسان کي انتهاپسنداڻي سوچ جو ختم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي ۽ امن هڪٻئي سان جڙيل آهن، اسان پاڪستان جي سڀني صوبن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لڙهي ۾ پيروئي رهيا آهيون، ڪراچي ۾ امن جي بحالي کانپوءِ سيڙپڪار شهر جو رخ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت لاهور، راولپنڊي، ملتان ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس وانگر ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروس متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن لاءِ به سرمايو فراهم ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ انهن منصوبن جي ذميداري صوبائي حڪومت جي هوندي آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي، جيئن ته اتي پارٽيون مثبت سياست ڪري رهيون آهن، دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن، علائقائي رابطن جي حڪومتي ويزن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته گوادر کي موٽر ويز جي نيٽ ورڪ جي ذريعي سڄي ملڪ ۽ وچ ايشيا سان جوڙيو ويندو. هن چيو ته 46 ارب ڊالر ماليت جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ تاريخي منصوبو آهي. منصوبي سان پاڪستان ۽ سڄي خطي جي تقدير بدلجي ويندي. منصوبو چين پاران پاڪستان جي لاءِ هڪ تحفو آهي، ائين ڏيکاريو پيو وڃي ته چين ان منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو انتظار ڪري رهيو هو. افسوس ته ڪجهه ماڻهن چيني صدر جي پاڪستان جي دوري ۾ رڪاوٽون وڌيون جنهن جي ڪري چيني صدر جو دورو دير جو شڪار ٿيو. وزيراعظم چيو ته چيني صدر مون کي خود پاڻ چيو ته ”پاڪستان چين اقتصادي لنگهه منصوبو“ چين پاران کان توهان جي لاءِ تحفو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد اقتدار نه عوام جي خدمت، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، اڄ اسان آهيون، سڀاڻي عين ممڪن آهي ته اسان جي حڪومت نه هجي اسان پاڪستان جو سوچيو آهي منهنجي حڪومت جي اهميت نه پاڪستان منهنجي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ماڻهن جو مقصد صرف اقتدار کي حاصل ڪرڻ آهي، انهن غافلن کي ان شيءَ جو اندازو نه آهي ته هو انتشار جي سياست سان ملڪ کي اونداهي ۾ ڌڪي رهيا آهن. اسان کي اهڙن عنصرن جي حوصلا شڪني ڪرڻي آهي. بغير ڪنهن رڪاوٽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ڪم جاري رکڻو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، سندس پارٽي ماضي ۾ صرف عدليه جي بحالي لاءِ لانگ مارچ ڪيو هو، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي وزيراعظم جي پائيدار ترقي جي هدفن بابت پروگرام جي باري ۾ بريفنگ به ڏني وئي. جنهن جو مقصد عوام ۾ رابطن جي فروغ ۽ پارليامينٽ ۾ انهن جي نمائندن جي ذريعي مقامي سطح تي ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ آهي. ان پروگرام تي وفاقي، صوبائي ۽ ڊويزنل سطحن تي ٽن اسٽيئرنگ ڪميٽين جي ذريعي عملدرآمد ڪيو ويندو. ان پروگرام جي ذريعي واٽر فلٽريشن پلانٽ، شهرن ۾ سيوريج، نون اسڪولن جي تعمير، سهولتن جي فراهمي جي ذريعي پراڻن اسڪولن جي بحالي، بجلي جي فراهمي، پارڪن، قبرستان جهڙي بنيادي ضرورتن ۽ گئس جي فراهمي جهڙي سهولتن کي مقامي سطح تي مهيا ڪرڻ آهي. پارلياماني پارٽيجي اجلاس دوران ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي تڪن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميمبرن جي تڪن جي مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم ميمبرن کي ايندڙ ٻن سالن ۾ ترقياتي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي پروگرام کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميمبرن کي چيو ته هو ترقياتي منصوبن جي پڄاڻي دوران چونڊيل بلدياتي نمائندن ۽ عوام سان مسلسل رابطن ۾ رهن.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 19:16