صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن ڪوئيٽا پهچڻ تي صدر جو استقبال بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ ڪور ڪمانڊر بلوچستان جنرل عامر رياض، صوبائي وزير عبيدالله بابر، صوبائي وزير نواب محمد، صوبائي وزير ڊاڪٽر حامد اچڪزئي، صوبائي صلاحڪار محمد خان لهڙي، آءِ جي پوليس احسن محبوب ۽ ٻين ڪيو. صدر بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. صدر ممنون حسين سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪرن حيدر به گڏ هئي.